سينٽ ميريز هاءِ اسڪول حيدرآباد

سينٽ ميريز هاءِ اسڪول حيدرآباد

سينٽ ميريز هاءِ اسڪول حيدرآباد

سينٽ ميريز هاءِ اسڪول حيدرآباد (St. Mary’s High School Hyderabad): سينٽ ميريز ڪانوينٽ گرلس هاءِ اسڪول، فوجداري روڊ، حيدرآباد ۾ واقع آهي. هي اسڪول، حيدرآباد ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول جي هڪ حصي طور وجود ۾ آيو، اڳتي هلي، ان کي ’سينٽ ميريز ڪانوينٽ گرلس هاءِ اسڪول‘ جي نالي سان ڌار حيثيت ڏني وئي. هي اسڪول، ڪئٿولڪ ڊايوسيس حيدرآباد جي هٿ هيٺ ۽ سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته هن اسڪول جو انتظام ڪئٿولڪ بورڊ آف ايڊيوڪيشن جي انتظاميا هلائيندي آهي.
هن اسڪول جو قيام به سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول سان گڏ 30-1920ع جي وچ ڌاري عمل ۾ آيو، جنهن جو بنياد آرڪائيلز ميرسمئن رکيو. پاڪستان جي قيام بعد ڇوڪرين لاءِ ڌار اسڪول جي تقاضا کي آڏو رکندي سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول کان هن اسڪول کي ڌار ڪري پهرين سينٽ ميريز ڪانوينٽ ۽ پوءِ سينٽ ميريز ڪانوينٽ گرلز هاءِ اسڪول جو نالو ڏنو ويو. هي ڪئمپس ٽن عمارتن ۽ راندين جي ٻن ميدانن تي مشتمل آهي. بايولاجي، ڪيمسٽري ۽ فزڪس جون لئبارٽريون، ڪمپيوٽر ڪلاسز ۽ ٻيا ڪلاس شامل آهن.
هن اسڪول جي نصاب ۾ سائنس، رياضي، انگريزي، اردو، سنڌي، اسلاميات، سماجي اڀياس، پاڪستان جو اڀياس، فزيڪل ٽريننگ، هوم اڪنامڪس، اخلاقيات (غير مسلمن لاءِ)، ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٻيا مضمون شامل آهن.
هن اسڪول ۾ سال جي مختلف ڏينهن تي غير نصابي سرگرميون به ٿينديون آهن، جن ۾ تقريري مقابلا، نعت خواني، رانديون، اوارڊ تقريبون، موسيقيءَ جا پروگرام، سوالن جوابن جا مقابلا وغيره شامل آهن. هي اسڪول پاڪستان گرلس گائيڊ ايسوسيئيشن سان پڻ لاڳو آهي. هن وقت اسڪول جي پرنسپل سسٽر ڪيٿرين گِل آهي.
سـنڌ سـان تـعـلق رکندڙ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر فهميده مرزا، سنڌ يونيورسٽيءَ جي پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر رفيعه شيخ سميت ڪيترن ئي اهم سنڌي عورتن ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ هن اسڪول مان تعليم ورتي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو